اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻنهي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آهي، قوم سان هاڻي اها دوکيبازي نه هلندي، قوم جو مال ته واپس ڪرڻو ئي پوندو، ڪرپشن سان ملڪ جو بنياد ک??کلو ڪرڻ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمران خان ملڪي دول?? ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عمران خان ملڪي دول?? ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي، قانون جي حڪمران جو دعويد??ر بلاول صاحب پنهنجي انڪل نواز شريف کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قانون جي حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن ??يو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي جو نمائندو آهي جنهن ملڪ جو بنياد ک??کلو ڪيو، پيپلزپارٽي کي ڀٽو جي وفاقي پارٽي مان علائقائي پارٽي ۾ بدلائڻ جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آهي.