هڪ ٻن ڏينهن ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو: شبلي فراز

image

اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ٻي شديد لهر کي نظر ۾ رکندي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، ڪورونا وائرس جي شرح ساڍا 7 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، حڪومت ان تجويز تي غور ڪري رهي آهي ته سياري جي موسم جون ڊگهيون ۽ گرمي جي موسم جو موڪليون محدود ڪيون وڃن، جتي به ماڻهُو جام گڏ ٿيندا اتي ڪورونا وائرس پکڙجندو.

مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون