ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ۽ اقليت گروهن جي خلاف دهشتگردي جو راڄ مڙهيو آهي: صدر

image
APP13-17 ISLAMABAD: September 17 – Pakistan's Ambassador designate to Austria, Aftab Ahmad Khokhar called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ۽ اقليت گروهن جي خلاف دهشتگردي جو راڄ مڙهيو آهي، آسٽريا ۽ سوئيڊن لاءِ نامزد سفير ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين کي اجاگر ڪن. پاڪستان هري پور ۾ انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي قيام ۾ آسٽريا جي تعاون جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان سوئيڊن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ سوئيڊن سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريا ۾ نامزد پاڪستاني سفير آفتاب احمد کوکر ۽ سوئيڊن ۾ نامزد پاڪستاني سفير ظهور احمد سان ڌار ڌار ملاقاتن دوران ڪيو.

مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا