لنڊن- پهرين جون (اي پي پي) بر??انيا ۾ ترڪيه جي زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ نيلامي منعقد ڪئي وئي، ميڊيا رپ??رٽن موجب لنڊن ۾ ترڪ سفارتخاني جي ميزباني ۾ آرٽ فار ريليف جي عنوان هيٺ نيلامي ۾ آرٽ جي مداحن گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نيلامي ۾ 29 شاگردن جون پينٽنگز،تصويرون ۽ مجسمن جا 36 فن پارا نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا، انتظاميا چيو آهي ته نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم بر??انيا ۾ قائم ڊيزاسٽر ايمرجنسي ڪميٽي جي سهڪار سان ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي متاثرن جي امداد لاءِ ڪم ڪند?? ادارن کي ڏني ويندي.