اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، ??شر??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ وڌيڪ آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ريڊيو پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي، ريڊيو پاڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي، توانائي واري وزارت کي درخواست ڪ??ي آهي ته ريڊيو پاڪستان کان بجلي جي ب??ن تي ڪمرشل ٽيرف چارج نه ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ ??شر??ات بابت اسٽينڊ??گ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات ۽ ??شر??ات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وزارت ۽ ان جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪندڙ لاڳاپيل کاتن ۾ تجويز ڪيل سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پي ٽي وي جي مالياتي پلان جي حوالي سان ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي ۾ اٽڪل 4100 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پي ٽي وي تي وڏي لائبلٽي پينشن جي هئي جنهن کي ڪنٽري ب??وٽري فنڊ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بجلي جي ب??ن جي مد ۾ پي ٽي وي کي حاصل ٿيندڙ روينيو سان پي ٽي وي جا پروگرامز ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيا وڃن ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي پنهنجي معياري پروگرامز کي سوشل ميڊيا تي ب?? اپ لوڊ ڪري رهي آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي جي پروڊڪٽس جي پبلسٽي جي لاءِ مارڪيٽنگ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ کي ب??تر ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايڊيشنل سيڪريٽري اطلاعات واري وزارت پي ٽي وي جي ب??رڊ آف گورنرز جو ميمبر هوندو آهي، ڪابينا جي منظوري سان ڪنهن به اهل شخص کي اداري جو سربراهه لڳائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت وٽ جڏهن اهو معاملو آيو ته اسان بهتر اهو ئي سمجهيو ته اهو ڪم چونڊيل حڪومت تي ڇڏيو وڃي، سليڪشن جي لاءِ اشتهار ڏيڻ جو ڊگهو پراسيس آهي جيڪو نگران دور ۾ ممڪن نه هو، مناسب اهو ئي سمجهيو ته نئين پارليامينٽ ۽ حڪومت جڏهن اقتدار ۾ ايندي ته اها پنهنجو استحقاق استعمال ڪندي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي نيشنل براڊ ڪاسٽر آهي، پي ٽي وي واحد چين?? آهي جيڪو پوري پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ٿو، پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به پي ٽي وي جي ??شر??ات ڏٺي وڃي ٿي. پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس جي حوالي سان هن چيو ته ان معاملي تي پي سي ب?? سان رجوع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس بابت موجوده ۽ گذريل چيئرمين پي سي ب?? سان ملاقات ٿي هئي. ڪميٽي کي ريڊيو پاڪستان جي نئين قدمن ۽ خصوصي پروگرامن بابت بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ريڊيو پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي اطلاع جي فراهمي آهي. ريڊيو پاڪستان کان چارج ٿيندڙ بجلي جي ب??ن جي حوالي سان توانائي واري وزير ۽ توانائي واري سيڪريٽري سان ميٽ??گ ڪ??ي آهي، اسان توانائي واري وزارت کي درخواست ڪئي ته ريڊيو پاڪستان کي بجلي جي ب??ن جي مد ۾ ڪمرشل اگهه چارج نه ڪيا وڃن. هن چيو ته ريديو پاڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، هي حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي جنهن جو ڪم ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي تنهن ڪري اسان کان ڪمرشل اگهه تي ب?? چارج نه ٿيڻ گهرجن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڪميٽي جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سينيٽ جي اطلاعات ۽ ??شر??ات بابت اسٽينڊ??گ ڪميٽي جي سمورن اجلاسن ۾ شرڪت ڪ??ي آهي.