اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ذخيره اندوزي ?? ناجائز منافعي خوري جي تدارڪ لاءِ انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهاٽيءَ واڌي جي روزاني ۽ هفتيوار ??پورٽ وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪلي وڃي، اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ سرحدي انتظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻايو وڃي، عام ضرورت جي شين جي قيمتن تي ضابطو رکڻ جي لاءِ هر ممڪن انتظامي ۽ ٻيا انتظام ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن ضرورت جي شين جي قيمتن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.