اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سعي?? غني صاحب جي لاعلمي تي افسوس آهي، قوم جو مال ڦرڻ ?? ڪوڙن انگ اکرن تي معيشت هلائيندڙن کي اهو به علم نه آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي 6 ماهي ۾ حاصل ڪيل ٽيڪس 2085 ارب آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 16.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چ??و ته گذريل سال جي مقابلي ۾ آمدني واپار جو تعداد 21 سيڪڙو گهٽ هو جڏهن ته داخلي ٽيڪس يعني انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ ترتيبوار 21.2 سيڪڙو، 34 سيڪڙو ۽ 25.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.