ڪراچي – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 5 آ??سٽ کي استحصال ??ي ڏهاڙي طور مله??ئي??دي، ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف ڪراچي کان سکر ت??ئي?? ٽرين مارچ ٿيندو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ استحصال ??ي ڏهاڙي جي حوالي سان وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آ??سٽ تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ ??ي هڪ سال مڪمل ٿي ويندو، هڪ سال ??ڳ مودي سرڪار ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪيو هو. هن چيو ته 5 آ??سٽ تي وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ استحصال ??و ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي لاءِ ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي کان سکر ت??ئي?? ٽرين مارچ ڪندي. ٽرين مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان جو هر شهري ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ مودي پاران ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ جي خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.