اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گذريل ڏهاڪي ۾ ڪشمير ڪاز ڪاروباري مصلحتن جي ور چاڙهيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته توهان جي دور ۾ ڪشمير مسئلي بدران مودي سان ذاتي لاڳاپا وڌايا ويا. گذريل ڏهاڪي ۾ ڪشمير ڪاز کي ذاتي ڪاروباري مصلحتن جي ور چاڙهيو ويو. هن چيو ته جنهن موث?? ۽ ??اهپ واري انداز سان وزيراعظم ع??ران خان ڪشميرين جي سڄي دنيا ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي.