اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ملڪ واپس آڻينداسين، ن لي?? ملڪ کي ڪنگال ڪيو، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف نواز شريف جي ضمانت ڏني هئي، جيڪڏهن نواز شريف ٺيڪ آهي ته ان جي اخلاقي ذميداري آهي ته هو واپس اچي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهن کي مشڪلاتون آهن ۽ هي اتي عياشي جي زندگي گذاري رهيا آهن، لنڊن مان نيون تص??يرون موڪلي رهيا آهن، هن چيو ته لي??ي قيادت سمجهي ٿي ته هو قانون جي دائري کان ٻاهر آهن پر اسان کين واپس آڻينداسين.