اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين روپين جا تعيمراتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ا?? سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ميسر ايندا ۽ عام ماڻهو پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو، پاڪستان تعميرات جي شعبي کي ان وقت کنيو جڏهن سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري ??قتصادي صورتحال ابتڙ هئي، وڏن شهرن جي لاءِ نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ا?? سان شهري ??هولتن جي فراهمي ۾ بهتري ??يندي، تعميراتي شعبي جي لاءِ فڪس ٽيڪس رجيم ۾ هڪ سال جي توسيع ڪئي وئي آهي. هتي ملڪ ۾ تعميراتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ 163 ارب روپين جا تعميراتي شعبا شروع ٿي چڪا آهن، تعميراتي شعبي جي فروغ سان پنجاب ۾ 15 سئو ارب روپين جون اقتصادي سرگرميون شروع ٿينديون، انهن منصوب?? سان روزگار جا اڍائي لک موقعا پيدا ٿيندا. پنجاب ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعميراتي شعبو حڪومتي مراعتن مان فائدو وٺي رهيو آهي، گهٽ آمدني وار?? طبقن کي انهن منصوب?? سان رهائشي سهولتون ميسر اينديون، تعميراتي شعبي جي فروغ ۽ گهرن جي لاءِ فنانسنگ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ??يو ويو آهي ۽ هاڻي بئنڪون گهرن جي تعمير ۽ تعميراتي منصوبن لاءِ فنانسنگ ڪري ??هيون آهن.