پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪار?? لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آسان?? لاءِ سڌ??را جاري آهن، واپاري برا??ري ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افعانستان ۾ امن سان خيبرپختونخواهه کي فائدو ۽ علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر ها??وس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي ڪاروباري برا??ري سان ملاقات ۾ ڪيو. خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر غضنفر بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر شير باز الياس ۽ چيمبر جا ٻيا عهديدار به موجود هئا. صدر چيو ته مڪمل ٽيڪس ادائيگي سان واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن ج?? لاءِ فنڊز جي فراهمي ۾ مدد ملندي، واپاري برا??ري ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صدر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا دوران 1.2 کرب جو معاشي رليف پيڪيج ڏنو ويو آهي، حڪومت واپاري برا??ري کي چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪار?? لاءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبار ۾ آسان?? لاءِ سڌ??را جاري آهن. صدر چيو ته واپاري برا??ري حڪومت سان رابطا وڌيڪ بهتر ڪري ۽ ڪاروباري ماحول جي بهتر?? لاءِ تجويزون ڏي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.