اسلام آباد – 19 211; مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپ??ي اسپيڪر قاسم خان سوري پاڪستان ۾ قائم فلسطيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد اي رابي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپ??ي اسپيڪر فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطين جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ۾ گهري ??ڻت?? آهي. هن غزه ۾ اسرائيل طرفان مسلسل فضائي حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي حملن جي ??ري معصوم فلسطينن جون شهادتون واقع ٿيون آهن جنهن تي پاڪستاني عوام انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان مشڪل وقت ۾ هو پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان مسجد الاقصيٰ جيڪا م??لم??ن جو قبله اول آهي، جي تقدس جي پائمال ڪرڻ ۽ معصوم عبادت گزارن تي ڪيل حملن جي سخت مذمت ??ري ٿو. هن چيو ته اسرائيل ظلمن جي خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ پنهنجي سمورن هم منصوبن کي خط جاري ڪيا آهن، ڊپ??ي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني جي بانين اسرائيل جي قيام کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو ۽ ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي بانين جي موقف جي مڪمل حمايت ??ري ٿي، ۽ ان ن تي عمل پيرا آهي.