اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار را??ِ جي آزادي وڏي نعمت آهي، ميڊيا مثبت تنقيد جي ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻ??ئڻ ۾ معاونت ڪري.”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگر??م ۾ نجي ٽي وي چينل جي صحافي حبيب اڪرم سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ميڊيا کان ڊڄندڙ حڪمرانن کي قانون ٽوڙڻو هوندو آهي ان لاءِ اهي گهٻرائين ٿا ۽ يا پوءِ ڪرپٽ عملدار آزاد ميڊيا کان ڊڄن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن مون چوري ڪئي هجي ته پوءِ آزاد ميڊيا کان ڊڄندس. وزيراعظم عمران خان چيو ته ميڊيا جو ڪم مثبت هجڻ گهرجي، غلط اطلاع کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ مثبت تنقيد ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻ??ئڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار را??ِ جي آزادي تمام وڏي نعمت آهي.