ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت اسپورٽس کي اڄ جيتري حوصلا افزائي ملي رهي آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي، اڄ وومين ڪرڪيٽرز جي صلاحيت ڏسي حيران رهجي ويس، رانديون چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو حوصلو پيدا ڪن ٿيون، ليڊرشپ جون صلاحيتون به وڌن ٿيون، راندين سان ليڊرشپ نڪرڻ جو مثال وزيراعظم عمران خان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ آل پاڪستان چيف منسٽر بلوچستان ڊائمنڊ جوبلي ڪوئيٽا گليڊيئر ??ومين ليگ ٽورنامنيٽ جي فائنل مئچ دوران خطاب ڪندي ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته بلوچست??ن جي وڏي وزير ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ 18 بلين اسپورٽس تي خرچ ڪيا ويا آهن، ايتري وڏي رقم اسپورٽس تي خرچ ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته راندين سان ڪرپشن جي خلاف ورهڻ جي همت پيدا ٿئي ٿي. صدر چيو ته هاڪيءَ ۾ به ليگز ٺهن ته هاڪيءَ جي راند ۾ نو??وا??ن جي دلچسپي وڌندي، هن وقت پاڪست??ن جي 6 بائولرز جي دنيا ۾ بهترين رينڪنگ آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران عورتن جي وراثت بابت فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو، جيڪڏهن اسپورٽس ۾ نو??وا??ن جي لاءِ رستا کلن ته منشيات مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. بلوچست??ن جي وڏي وزير جڏهن مون کي اچڻ جي دعوت ڏني ته مون دلچسپي جي ڪري ??ور?? طور تي ها ڪري ڇڏي. تقريب جي آخر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ انعام ورهايا.