اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ڪينسر بابت آگاهي ۽ جلد سڃاڻپ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن قدمن سان مرض جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان ۾ ڪينسر جي مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ وقت سر ??ڃاڻپ ۽ علاج جون مناسب سهولتون ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪينسر جي ڪيسن خاص طور تي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪينسر ڪيئر اسپتال اينڊ ريسرچ سينيٽر لاهور جي چيئرمين پروفيسر ڊا??ٽر شهريار، پروفيسر ڊا??ٽر اريشه زمان ۽ پروفيسر ڊا??ٽر نبيله شامي به موجود هيون. پروفيسر ڊا??ٽر شهريار بريفنگ يندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر سال 3 لک 53 هزار ماڻهو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن جنهن مان صرف 71 هزار مريضن جي علاج ميسر ??هي جڏهن ته ٻين کي علاج جون ناڪافي سهولتن جي ڪري ان کان محروم رهندا آهن، هن ڪينسر ڪيسر ??سپتال اينڊ ريسرچ ل??هور جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته ان جو ادارو مريضن جي بنا معاوضي علاج جون سهولتون فراهم ڪندو آهي، صدر ڪينسر ڪيئر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر لاهور پاران ڪينسر جي مريضن جي بنا معاوضي علاج جي سهولتن کي ساراهيو.