اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ کان متاثر شهري کي 8 لک رپين جي گم ٿيل رقم واپس ڪرڻ جو ??ڪم برقرار رکندي وفاقي ب??نڪ??گ محتسب جي فيصلي جي خلاف سونيري بئنڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ بئنڪ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل رقم ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو ??ڪم ڏنو آهي. صد?? ان ڏس ۾ جاري پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ جيئن ته بئنڪ انتظاميا پاران بدانتظامي ۽ بي ضابطگي ثابت ٿي آهي. جڏهن ته ب??نڪ??گ محتسب پاران پڻ بئنڪ کي فراڊ جي ان شڪايت تي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ محمد دانش نسيم 22-10-2018 تي سونيري بئنڪ جي سرگوڌا روڊ شيخوپوره برانچ ۾ اڪائوٽ کوليو ۽ ان وقت بئنڪ م??ني??ر کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي لاءِ 20 لک رپيا يعني 2 ملين رپيا ڏنا جڏهن ته بئنڪ م??ني??ر 20 لک جي هڪ رسيد ڏيڻ بدران 5، 6 ۽ 9 لک جون ٽي جدا جدا رسيدون ڏئي ڇڏيون. شڪايت ڪندڙ يعني اڪائونٽ هولڊر 20 لک رپين جي هڪ ئي سيد ڏيڻ تي اصرار ڪيو هو. بعد ۾ جڏهن شڪايت ڪندڙ بئنڪ مان پنهنجي رقم ڪڍرائڻ چاهي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اڪائونٽ ۾ گهربل رقم موجود نه آهي جنهن تي شڪايت ڪندڙ اڪائونٽ هولڊر بئنڪ جي لاڳاکيل اعليٰ عملدارن کي 20 لک جي جمع ڪرايل رقم جي رسيدن سان گڏ درخواستون ڏنيون جڏهن ته ڪا شنوائي نه ٿي جنهن تي رقم واپس نه ملڻ تي شهري وفاقي ب??نڪ??گ محتسب سان رجوع ڪيو جنهن جي ڪارروائي دوران ثابت ٿيو ته جمع ڪرايل رقم جون رسيدون بلڪل صحيح ۽ اصلي آهن ۽ ان تي ان وقت جي اڳوڻي م??ني??ر جون صحيحون ۽ اسٽيمپ به اصلي آهن. وفاقي ب??نڪ??گ محتسب فراڊ ثابت ٿيڻ تي سونيري بئنڪ کي رقم واپس ڪرڻ جو ??ڪم ڏنو هو. سونيري بئنڪ وفاقي ب??نڪ??گ محتسب جي فيصلي جي خلاف صد?? کي اپيل ڪئي جڏهن ته صد?? وفاقي ب??نڪ??گ محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ ب??نڪ??گ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل رقم وڌيڪ ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو ??ڪم ڏنو آهي. صد?? پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته قانون تحت ب??نڪ??گ محتسب ب??نڪ?? جي بدانتظامي، بي ضابطگين ۽ عملدارن جي بدعنواني ۾ جاچ ڪرڻ ۽ ??ڪم جاري ڪرڻ جو مجاز آهي.