اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪ??رٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) سانحي جي ذميوارن کي بي نقاب ڪنداسين. سپريم ڪ??رٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪ??رٽ ۾ اي پي ايس سانحي بابت صورتحال پيش ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته سانحي ۾ جيڪي به ذميوار آهن انهن کي بي نقاب ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عدالت کي نواز شريف گهربل آهي ته گهرو وزارت 24 ڪلاڪن ۾ نواز شريف ??ي واپس آڻڻ جي لاءِ پاسپ??رٽ ۽ ضروري دستاويز فراهم ڪندي.