اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سهولت لاءِ پنهنجي موجودگي وڌائي، ورچوئل يونيورسٽي جي دائري ڪار ۾ اضافي سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو ڪورسز ۽ اي لرننگ پروگرامن مان لاڀ پرائي سگهندا. مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ آن لائين ??عل??م ۽ تربيت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيورسٽي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ورچوئل يونيورسٽي جو ريڪٽر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏ??ي. بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته ورچوئل يونيورسٽي 2021ع ۾ 55 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏني جيڪا نمايان ڪاميابي آهي. يونيورسٽي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مقامي نوجوانن کي ??عل??م جي فراهمي لاءِ مقامي ڊگري ڪاليجز، يونيورسٽين ۾ ڪمپيوٽر ليبز قائم ڪري رهي آهي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي انتظاميه کي عالمي معيار موجب ڪورسز ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ??در ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.