اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??زي??اعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گذريل سال پنهنجي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ٻطرفي تعاو?? ۽ ??ڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ??زي??اعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ڏنل ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته حضور نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار آزادي جي راءِ نه پر مذهبي آزادي جي خلاف ورزي آهي، ??زي??اعظم چيو ته هو جنرل اسيمبلي کان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ڦهلائڻ واري معاملي کي تسلسل سان اجاگر ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي سان دنيا کي آگاهه ڪندو رهيو آهي، ??زي??اعظم چيو ته روس سان گڏ پاڪستان جي ٻطرفا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، اقتصادي لاڳاپا ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد پڄاڻي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ، اعليٰ سطحي وفدن ??ي مٽاسٽا ۽ افغانستان بابت معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، ??زي??اعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت ??و حامل آهي. هن چيو ته افغانستان کي انساني ۽ اقتصادي چئلينج درپيش آهن، ۽ افغانستان جي عوام کي ان مشڪل مرحلي تي عالمي ??رادري جي تعاون جي ضرورت آهي. ??زي??اعظم عمران خان افغان عوام جي سخت ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ جي اهميت ??ي زور ڏنو. ??زي??اعظم چيو ته هو روسي صدر جي پاڪستان دوري ۽ پاڻ به مناسب وقت تي روس جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي.