اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? پاڪستان بنگلاديش سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي ??اڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت ا??م معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پنهنجي قيادت پاران پاڪستاني قيادت لاءِ خ??ر سگالي جو پيغام پهچايو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪجهڙي عقيدي ۽ ثقافت جي بنياد تي هموار آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي ??اڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي ا??تح??ام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ??طرفي لاڳاپن جي ا??تح??ام لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.