اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪڻڪ جي تيار فصل جي تباهي کان متاثر آبا??گا??ن جي مالي امداد جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب حڪومت کي حڪم ڏنو ته جن آبا??گا??ن جي فصل سڙي وئي آهي، انهن کي فوري امدادي چيڪ ڏنا وڃن، وزيراعظم 90 هزار ڪلوگرام ڪڻڪ سڙي راک ٿيڻ تي آبا??گا??ن جي فوري مالي مدد جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ آهي، مشڪل وقت ۾ آبا??گا??ن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. واضح رهي ته بيلا پل باجوان، بجوت سيڪٽر ۾ 23 اپريل 2022ع تي ڪڻڪ جي تيار فصل کي باهه لڳي وئي هئي، باهه سان 77 ايڪڙ زمين متاثر ٿي هئي، 76 ايڪڙ ۾ ڪڻڪ جي فصل لاٻاري جي لاءِ ت??ار حالت ۾ هئي، سرڪاري رپورٽ موجب 15 آبا??گا??ن جي تيار ڪڻڪ سڙي وئي هئي، جاچ ۾ ٻڌايو ??يو ??و ته ڪٽائي مشين ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي، مشين جي ويجهو ئي ذخيرو ڪيل 80 ليٽر ڊيزل کي باهه پڪڙڻ سان حادثي جو دائرو پکڙجي ويو ??و، فاصلو وڌيڪ هجڻ جي ڪري فائربرگيڊ کي پهچڻ ۾ وقت لڳو. فائربرگيڊ 32 ڪلوميٽر جو فاصلو 25 منٽن ۾ طئي ڪيو. فائربرگيد جي ڪوششن سان باهه کي 135 ايڪڙ ۾ پکڙجڻ کان روڪيو ??يو.