اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??هشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پ??ڪ فوج جي جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ساڻس ت??زي?? جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 23 مئي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پ??ڪ فوج جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ساڻن افسوس جو اظهار ڪيو. صدر سپاهي رحيم گل ۽ سپاهي ظهور جي وارثن سان ٽليفون تي ت??زي?? جو اظهار ڪيو. صدر 19 مئي تي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد سنور جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر پ??ڪ فوج جي شهيدن کي وطن تي جان نڇاور ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي ??هيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.