انقره – 01 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، ترڪ سيڙپڪار ان مان فائدو کڻن، حڪومت هر ممڪن سهولت فرهام ڪندي، خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ فڪر تازا ۽ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا رشتا هموار آهن ۽ ٻئ?? ملڪ دوستي جي مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، ٻنه?? ملڪن جي زبان ڌار، پر ثقافت هڪ ئي آهي، پاڪستان ۽ ترڪي هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ترڪ عوام زلزلي، ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان تمام گهڻو تعاون ڪيو. هن چ??و ته سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا ۽ روس – يوڪرين جنگ جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو آهي، وزيراعظم چيو ته گذريل رات ترڪ واپارين سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. هن ترڪ واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته ترڪ سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن چ??و ته ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن ٻنه?? ملڪن جي ڪارسازي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي شعبي ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن. هن چ??و ته سندس حڪومت پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڪستان زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان ۾ ڊيمز جي شعبي ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پن بجلي سان 40 هزار ميگاواٽ بجل?? پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، ترڪ سيڙپڪارن کي ان مان فائدو وٺڻ گهرجي، وزيراعظم جديد ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ جدت ۽ فڪر جي اهميت جي اجاگر ڪندي چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي نئين سوچ، جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻينديون آهن، هن چ??و ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، انهن کي جيڪڏهن جديد مهارتن ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي. هن چ??و ته آءِ ٽي جي شبعي ۾ وسيع موقعا موجود آهن، وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي پاڪستاني ڪمپنين سان گڏيل منصوبن جي تجويز به ڏني ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ آيل سڀئي رڪاوٽون ختم ڪندي ۽ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپار وارو وزير سيد نويد قمر ۽ چوڌري سالڪ حسين سميت پاڪستاني و??د جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.