اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ 23 – 2022ع کي پاڪستا?? جي معاشي بهتري ۽ استحڪام طرف ٺوس قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته انتهائي خراب معاشي حالتن ۾ ايتري بهترين بجيٽ اتحادي حڪومت جي اخلاص ۽ قابليت جو مظهر آهي، اتحادي پارٽي?? جي قائدين، ڪابينا ميمبر?? جي قيمتي جويزن ۽ راءِ جي لاءِ انهن جا ٿورا مڃان ٿو، ملڪ جي ڪاروباري برادري جا به ٿورا مڃان ٿو جن قيمتي تجويزون ڏئي اسا?? جي رهنمائي ڪئي. ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي بجيٽ 23 – 2022ع ملڪ کي سنگين معاشي بح??انن مان ڪڍڻ جو نسخو آهي، اسان پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن. ??ن چيو ته بجيٽ ۾ سرندي وارن کان قرباني گهري وئي آهي ۽ ڪمزور طبقن کي آساني ڏني وئي آهي. ??ن چيو ته معاشري جي سرندي وارن طبقن کي مشڪل حالتن ۾ غريب?? جي مشڪلاتن جو بار کڻڻ ۾ وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ ۾ زراعت، صنعت، واپار، آءِ ٽي، فلم ۽ ثقافت سميت هر شعبي جي بهتري جي قدمن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، پهريون ڀيرو زراعت کي ٽيڪس ڇوٽ ملي آهي جنهن سان زراعت ۽ آبادگار کي هڪ نئين معاشي ??ند??ي ملندي، زرعي مشينري، اوزارن، ٻجن کان وٺي ان شعبي سان واڳيل شين ۽ اوزارن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ سان ملڪ ۾ گرين انقلاب ايندو، انهن تاريخي قدمن سان نه رڳو جنسن ۽ اسا?? جي فصل?? جي پيداوار وڌندي پر انشاءَ الله ملڪ ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ??ن چيو ته فلمي صنعت جي بح??لي لاءِ ايترو وڏو ريليف ڪنهن حڪومت ناهي ڏنو. وزيراعظم چيو ته هي مالياتي نظم ۽ ضبط، ٽيڪس نظام جي اصلاح، جرئتمنداڻي هدفن ۽ پگهاردار جي آئينه دار بجيٽ آهي، انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ ذريعي پگهاردار ۽ گهٽ وسيلن وار?? جي آمدني وڌندي، سستو پيٽرول ۽ سستو ڊيزل اسڪيم پورو سال جاري رهندي. ??ن چيو ته توانائي، تعليم، صحت، روزگار، ڪاروبار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، شاگردن، نوجوانن ۽ عورت?? جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آهن. ??ن چيو ته حڪومت بلوچستا?? جي شاگردن ۽ نوجوان?? جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين دوستي جي عظيم منصوبي سي پيڪ تي ڪم جي رفتار تيز ڪنداسين، سي پيڪ تحت اسپيشل اڪنامڪ زونز انشاءَ الله پاڪستان ۾ روزگار، ڪاروبار ۾ اضافي ۽ غربت جي خاتمي جا مرڪز بڻجندا. ??ن چيو ته هڪ سال ۾ ملڪ کي گذريل چئن سال?? جي شديد بح??انن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ڪنهن معاشي معجزي کان گهٽ نه هوندو، اسان سياسي مفاد جو نه سوچيو پر پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام جي مفاد کي ڏٺو آهي. هن بجيٽ تياري ۾ شريڪ سموري ٽيم خاص طور تي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس سمورن ساٿين کي شاباس ڏني.