لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي پاڪستان تنظيم جي امير شجاع الدين شيخ چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي انه?? جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو اچي چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 3 سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي آئي?? جي شقن 370 ۽ 35 اي ک?? ختم ڪري والاريل ڪشمير ??ي ڀارت ۾ ضم ڪري هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جا علمبردار سڏرائيندڙ اولهه مل?? ۽ عالمي ادارا ڀارت جي 5 آگسٽ جي ڪڌن قدمن جا نه رڳو حامي پر ان ظلم ۾ ان جا حصيدار به بڻجي چڪا آهن ۽ ڀارت جي ان غيرقانوني ۽ غيرانساني ۽ عالمي قانون?? جي سراسري خلاف ورزي جي طرز عمل کي رد ڪرڻ تي پري جي ڳالهه آهي پر زبان سان به ا?? جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.