گلگت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو ??علان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علا??قن جي ماڻهن لاءِ ڪيو ويو انهي پيڪيج تي گلگت بلتستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻ??ڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي سڀ کان پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو. گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن دنيا مان هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج تحت 10 لک روپين جو ??علان ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پيڪيج جو ??علان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٻيو مرحلو ٻ??ڏ متاثرن کي ري??ڪي?? ڪرڻ آهي، ان مد ۾ پي ڊي ايم اي کي ضروري سامان ڏئي ??ڏيو آهي، متاثرن کي عارضي رهائشگاهن يا مسواڙي گهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي يا ڪيو ويندو، هن چيو ته ٽيون مرحلو متاثرن جي بحالي جو ??هي، ان مرحلي ۾ متاثر علا??قن جو ??فصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آهي، اتي هن وقت سروي ممڪن نه آهي ان لاءِ سروي پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٻ??ڏ متاثر علا??قن جو ??ورو ڪندو.