اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن ا??بال چيو آهي ته ٻوڏ سبب م??ڪ جي درپيش چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، پوري قوم آفت ج?? مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??ن ا??ف آر سي سي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ا??ف آر سي سي به شريڪ هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ واري صورتحال سبب م??ڪ کي درپيش چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، پوري قوم آفت ج?? مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، وفاقي وزير چيو ته صحت جي صورتحال تي ڪڙي نظر رکي وڃي ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، متاثرن جي بحالي ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي لاءِ سروي تيز ڪيا وڃن، صحيح انگ اکر ڊيش بورڊ جي ذريعي مددگار ثابت ٿيندا، هن چيو ته اين جي اوز ۽ آءِ اين جي اوز کي امدادي ڪاررواين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ متحرڪ ڪيو وڃي، عوام کي امدادي ڪيمپن بابت مڪمل معلومات فراهم ڪئي وڃي، ڊيمن ۽ ٻين آبي وسيلن ۾ پاڻي جي سطح تي نظر رکي وڃي.