اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??نگهائي تعاون تنظيم ج?? مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي اڄ ثمرقند ۾ مصروف ڏينهن گ??ار??ندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر ويندو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ج?? سربراهن کي خطاب پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم ج?? مارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي پڄاڻي ک??ن اڳ امام بخاري جي مزار تي حاضر?? پڻ ڀريندو.