اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??کر – حيدرآباد موٽروي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ ??کر پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق ??کر هوائي اڏي تي آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم پهريان ??کر ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ??کر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪل??مي??ر ڊگهي ??کر – حيدرآباد موٽر وي ايم – 06 جو پيڙهه جو پٿر رکندو. ??کر – حيدرآباد موٽر وي پشاور ڪراچي موٽر وي ( پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽر ويز سان گنڍجي ويندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 30 مهينن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم ا?? موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.