اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه سان گڏ بيٺل رهندو، ان س??سلي ۾ حڪومت جاري ريسڪيو ۽ ريليف سرگرمين کي ملڪ گير مهم ۾ توسيع ڏ??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مُون س??ورن وڏن وزيرن سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهن کي ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر ماڻهن جي لاءِ قومي امدادي مهم جي ذميواري کڻڻ جي درخ??اس?? ڪئي آهي. ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اسان واپاري برادري، مذهبي ا??ڪالرز ۽ تعليمي ا??ارن جي حمايت حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هي هڪ صديءَ جو بدترين زلزلو هو، اسان جي حيثيت ٻن ملڪن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي آهي ۽ اسان پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهنداسين.