اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام جي حوالي سان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي گردش ڪندڙ تازن سمورن بيانن، پريس ريليز، سوالن ۽ مختلف دعوائن ۾ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي جي پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ پرامن ??ئٽمي پروگرام کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان جو ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام هڪ قومي اثاثو آهي ج??هن جي رياست غيرتمندي سان حفاظت ڪري ٿي، اهو مڪمل پروگرام مُڪمل طور تي محفوظ، فول پروف ۽ ڪ??هن به دٻاءُ کانسواءِ آهي. هن چيو ته هي پروگر??م ان مقصد کي هر طرح سان پورو ڪري ٿو ج??هن جي لاءِ اها صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي.