اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي ڊي ايس پي اقبال ??همند سميت 3 جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي هيڊڪ??ار??ر اقبال ??همند، سپاهين وقار، مرجان، ڪرامت کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس دهشتگردي جي خلاف فرسٽ لائين آف ڊفينس جو شاندار ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي جو پوليس جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي بقاءَ ۽ تر??ي آهي. وزيراعظم ڊرائيور سردار علي ۽ 6 زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه حڪومت کي شهيدن جي لاءِ پئڪيج ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.