اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف ايران سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي و??پار، توانائي تعاون، سلامتي ۽ علائقائي استحڪام ۾ بطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تازو ئي پولان گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايراني حڪومت جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا سميت عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ايراني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي صدر ابراهيم رئيسي کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي تاريخي اڳ??رائي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته فلسطين جي و??لاريل علائقن ۾ ا??را??يل پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي فو??ي طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي ا??را??يل فلسطين تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو.