پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت تي مڪمل منصوبابندي سان حملو ڪيو، اسان جي قيمتي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي، شرپسندن ۽ هٿياربند جٿن سان ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڪئي و??ندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ريڊيو پاڪستان پشاور جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر، وفاقي ۽ صوبائي وزير، مسلم ليگ (ن) جو سيڪريٽري اطلاعات، ضلعي انتظاميا جا آفيسر، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته 2014ع ۾ جهڙي طرح انهن ماڻهن پي ٽي و?? تي حملو ڪيو هو، اهڙي طرح مڪمل منصوبابندي سان 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت تي حملو ڪيو، 9 مئي تي گارڊز ۽ عملي شرپسندن کي روڪڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر 10 مئي تي اهي شرپسند ۽ هٿياربند جٿا مڪمل منصوبابندي سان ٻيهر ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي حملي آور ٿيا، انهن وٽ ڏنڊا ۽ پيٽرول هو، ضلعي انتظاميا ۽ ريڊيو پاڪستان جي عملي عمارت کي بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، ان دوران عملي جا ڪيترائي ماڻهو شديد زخم?? پڻ ٿيا. واقعي جي ايف آءِ آر پڻ انهي ڏينهن داخل ڪئي وئي. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته هي عمارت به ٻيهر بڻجي و??ندي ۽ ٽرانسميٽرز به لڳي و??ندا پر اسان جي تاريخي آرڪائيوز کي ساڙيو ويو جنهن جو ازالو ممڪن نه آهي. هن چيو ته پي ٽي و?? تي حملي کانپوءِ اسان آرڪائيو کي ڊيجيٽل ڪري ڇڏيو هو، اهو ئي پراسيس ريڊيو پاڪستان ۾ به جاري هو. هن چيو ته اهڙي طرح جي ڏوهارين ۽ هٿياربند جٿن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي و??ندي، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته سياسي احتجاج جي ??ڙ ۾ اهي ان ڏوهه کان آزاد ٿي و??ندا ته ائين ممڪن نه آهي، 9 مئي ٻيهر نه ٿي ورجائي سگهجي، ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏني و??ندي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان طاهر حسن ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي پهچندڙ نقصان ۽ بحالي جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ننڍي کنڊ ۾ ريڊيو جو سفر 1927ع ۾ شروع ٿيو، 1935ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ريڊيو جو پهريون ٽرانسميٽر لڳايو ويو، 1947ع ۾ انهي ريڊيو پاڪستان جي وجود جو اعلان ڪيو. ريڊيو پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ سميت افغان وار ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، ريڊيو پاڪستان هن وقت 23 مقامي ۽ 11 عالمي ٻولين ۾ پنهنجي نشريات پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ان تاريخي ورثي کي رڳو 6 ڪلاڪن ۾ ساڙي ختم ڪيو ويو، اسان جا ٽرانسميٽر ساڙيا ويا. 9 مئي تي چاغي جي يادگار کي ساڙيو ويو، ان کان اڳئين ڏينهن 10 مئي تي مڪمل منصوبابندي سان اهي ماڻهو هتي آيا ۽ عمارت کي باهه لڳائي ۽ ڦرلٽ ڪئي، اسان جي عملي کي زخمي ڪيو. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان ضلعي انتظاميا، پاڪ فوج سان گڏجي 25 ڪلاڪن ۾ پنهنجي نشريات کي بحال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت هر سطح تي جهڙي طرح ريڊيو پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سدائين ياد رکيو ويندو.