اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي اکين 9 مئي جهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ انهن جي يادگارن کي پيرن هيٺان ??تاڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پو??دو، جيڪڏهن شرپسندن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو، سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف آرمي ايڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ 9 مئي سانحي جي حوالي سان بحث ۾ حصو وٺندي وزيراعظم 9 مئي سانحي جي مذمت جي حوالي سان ايوان جي قراردا?? تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته 9 مئي تي سويلين ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس هلايا ويندا. وزيراعظم چيو ته ميانوالي ايئر بيس تي جيڪو جهاز بيٺل هو اهو غريب عوام جي رت پگهر جي ڪمائي سان ??طن جي دفاع لاءِ خريد ڪيو ويو هو، اتي انهن جٿن باهه لڳائي، اها سڌوسنئون ملڪ دشمني نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ اهڙا ڪيس آرمي ايڪٽ تحت هلايا ويندا. وزيراعظم واضح ڪيو ته سول ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف موجوده قانونن تحت ڪيس هلايا ويندا ۽ ڪا نئين قانونسازي نه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته عمران ??يازي گذريل ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن سڌوسنئون ڪوڙ ڳالهايو. وزيراعظم شهباز شريف موجوده آرمي چيف ۽ ان ??قت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي انهن جي عهدي تان ??ٽائڻ جي حوالي سان عمران خان جي ٽوئيٽ کي ڪوڙ ۽ دوکو قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه ان جي ذاتي ڄاڻ ۾ آهي ته جڏهن ان ??قت جو ڊي جي آءِ ايس آءِ عمران خان ??ٽ پهتو ۽ ان کي حقيقتن جي بنيا?? تي ان جي گهرواريءَ جي ڪرپشن جا ثبوت فراهم ڪيا ته عمران خان کي ڪاوڙ آئي ۽ باقي تاريخ جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته 60 ارب جي ڪرپشن کي توهان ڪٿي کڻي ويندا؟ سعودي ولي عهد جي نادر تحفي کي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو ۽ جعلي رسيد ڏني وئي، ان کان ??ڌيڪ هن قوم ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب سان سنگين مذاق ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن 60 ارب رپ??ن جي ڪرپشن تي عمران خان کي نيب نوٽيس جاري ڪيو ته ان کي به ان جي ڄاڻ نه هئي، ان جي نتيجي ۾ 9 مئي تي جيڪا تباهي ٿي، اسان جي اکين اهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو، پنهنجي اقتدار ۾ عمران خان ??وري اپوزيشن کي جعلي ڪيسن ذريعي ڀت سان ??ڳايو، جڏهن اپوزيشن جا ميمبر ڪوٽ لکپت جيل ۾ ويندا هئا ته ذاتي اناءَ جي تسڪ??ن جي لاءِ عمران خان ??اهور پهچندو هو ۽ هدايتون جاري ڪندو هو. وزيراعظم چيو ته 60 ارب رپيا قوم جو پئسو هو، اهي پئسا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ نه قومي خزاني ۾ اچڻ گهرجن ها، عمران خان ڪابينا کان زبردستي ان جي منظوري ورتي. وزيراعظم چيو ته عمران خان آ??ريڪي سازش جو الزام هڻي پاڪ – آمريڪا لاڳاپن جون ڌڄيون اڏايون، ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي وئي ته آمريڪا سازش ڪري ان جي حڪومت ختم ڪئي، هاڻي عمران خان آ??ريڪا کان ??دد گهري رهيو آهي، عمران خان ??اڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي برباد ڪري ڇڏيو، اُهو چ??ن جيڪو هماليه وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، اهو چ??ن جنهن جي – 20 جي سرينگر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان صاف انڪار ڪيو آهي انهي چ??ن جي خلاف عمران خان الزام بازي ڪئي ۽ چيو ته سي پيڪ ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪو به درد دل رکندڙ پاڪستاني اهڙي قسم جي ڳالهه نه ٿو سوچي سگهي، آئون چيني قيادت کي سلام پيش ڪريان ??و جن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ ترڪيءَ مان به سٺيون خبرون اچي رهيون آ??ن، ڪالهه منهنجي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان به ڳالهه ٿي آهي ۽ ان سان ??اڪستان جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير مون کي ٻڌايو ته صورتحال تي ان جي نظر آهي ۽ پوري دنيا کي اسان حقيقتن کان آگاهه ڪري رهيا آهيون، ٻن، ٻن ۽ ٽن ٽن ماڻهن تي ٻڌل وفد پڻ ٻاهر موڪلينداسين. وزيراعظم چيو ته هي قوم 9 مئي کي ڪڏهن به نه وساريندي، اسان جي دل ۾ ڪو انتقام نه آهي پر جن شهيدن ۽ غاز??ن جي بي حرمتي ڪئي، شهيدن جي يادگارن کي پيرن هيٺان ??تاڙيو ۽ قائداعظم هائوس کي راک بڻايو انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پو??دو، جيڪڏهن انهن سان ڪا رعايت ڪئي وئي ته خدانخواسته هي ملڪ نه بچندو. وزيراعظم چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سدائين صبر ۽ تحمل سان دل ڏکوئيندڙ واقعن کي منهن ڏنو ۽ جمهوري طريقيڪار اختيار ڪيو. وزيراعظم چيو ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ قوم جي امانت آهي ۽ هو قوم جي امانت کي قوم کي واپس ڪندا.