اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي ترقياتي منصوبن جون تصويرون ۽ 9 مئي تي پي ٽي آءِ پاران ڪيل تباهي جون تصويرون شيئر ڪندي چيو آهي ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو هو، عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺو??يون ڳالهيون ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪرپشن ??و حساب ڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم راولپندي سڪسٿ روڊ ميٽرو بس اسٽيشن جي پراڻي ۽ نئين تصوير شيئر ڪئي، هڪ تصوير ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف کي ان منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني پئي وئي جڏهن ته ٻي تصوير ۾ انهي منصوبي کي پي ٽي آءِ پاران باهه لڳائڻ کانپوءِ ??باهي جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي ۽ ان ميٽرو بس اسٽيشن کي پي ٽي آءِ ??باهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ ??ي چيئرمين عمران نيازي جو هڪ ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو ۽ ان ٽوئيٽ ??و حوالو ڏيندي چيو ته عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺو??يون ڳالهيون ڇڏيو، جاچ ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي ڪرپشن ??و حساب ڏيو.