اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پا??ست??ن جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا، غيرملڪي فلم سازن کي پا??ست??ن ۾ عڪسبندي ۽ فلم سازي جي شعبي ?? خصوصي رعايتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، پا??ست??ني شاگردن کي فلم، آرٽ اينڊ ڪلچر ۾ فني تربيت جي فراهمي لاءِ جرمن ادارن جي تعاون جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن پا??ست??ن ۾ جرمني جي سفير ايلفرڊ گرناس سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ فلم، آرٽ ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ بيبلسبرگ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽيليويزن اينڊ فلم ميونڪ سان حصيداري عمل جي تجويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير جرمن سفير کي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي ۽ ان تحت ڏني ويندڙ مراعتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جرمني ۽ پا??ست??ن جي نجي سرڪاري درسگاهن ۾ تعاون سان فلم، آرٽ اينڊ ڪلچر کي فروغ ملي سگهي ٿو. وفاقي وزير جرمن اين جي اوز جي آئي زيڊ ۽ هانس سيڊل فائونڊيشن جي پا??ست??ن ۾ خدمتن کي ساراهيو. هن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 18 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد تي جرمني جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي مقابلي لاءِ عالمي ڪانفرنس ۾ 8 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد جي فراهمي جو واعدو جرمني جي پا??ست??ن دوستي هڪ ٻيو ثبوت آهي. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 4 ارب ڊالر کان وڌائڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اقبال ۽ گوئيٽه ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، برلن ۾ اقبال گوئيٽه آرٽ اينڊ ڪلچر سينٽر قائم ڪرڻ سان ٻنهي م??ڪن جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن چيو ته جرمن ميڊيا پا??ست??ن جي حالتن جي غيرجانبداراڻي انداز ۾ رپورٽ ڪري ٿي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. جرمني جي صحافتي تنظيمن جي وفد جو پا??ست??ن جو ايندڙ مهيني دورو متوقع آهي. ملاقات ۾ گڏي?? دلچسپي ۽ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جرمن سفير اطلاعات واري وزير جي فلم اينڊ ڪلچر جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.