انقره-03 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ۽ سندس گهرواريءَ ايمني اردگان سان ملاقات ڪئي. وفاق?? وزير مريم اورنگزيب رجب طيب اردگان ک?? هڪ ڀيرو ٻيهر ترڪيه جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪب??د ڏني. وفاق?? وزير مريم اورنگزيب چيو ته رجب طيب اردگان جي تاريخي ڪاميابي ترڪيه جي عوام جو مٿس مسلسل اعتماد جو اظهار آهي، صدر اردگان جي قيادت ۾ ترڪيه وڌيڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ڀائر ملڪ آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.