اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهبا?? شريف اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ دولسار انجنيئرنگ جي چيئرمين ??رف??ن آڪر سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ دولسار انجنيئرنگ جي جاري توانائي ۽ تعميراتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ??رف??ن آڪر پاڪستان ۾ توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دولسار انجنيئرنگ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت طرفان ان حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقا?? ۾ ??ڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.