اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ايٿوپيا سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ سميت ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي وچ ۾ رابطن کي آسان ??ڻائڻ ۽ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، مفادن ۽ عالمي فورمز تي گڏيل حمايت تي ٻڌل آهن. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايٿوپيا ۾ پاڪستان ??ي نامزد سفير ميان ??اطف شريف سان ملاقات دوران ڪيو. هن سفير تي زور ڏنو ته هو پاڪستاني مصنوعات جي درآمد جي لاءِ ايٿوپيا جي واپارين تائين پهچ ڪري ايٿوپيا سان واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ايٿوپيا سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ رابطن کي آسان ۽ بهتر بڻايو وڃي. نامزد سفير پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات، ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ايٿوپيا سان ??عليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي به زور ڏنو ۽ چيو ته ايٿوپيا جا شاگرد پ??هن??ي مهارتن کي وڌائڻ جي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي، علامه اقبال ا??پن يونيورسٽي جي آن لائين/ وڊيو تعليمي مواد مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ايٿوپيا جا نوجوان ??فارتڪارن جي تر??يت، بئنڪنگ ڪورسز سان ??يٿوپيا سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. ڊا??ٽر عارف علوي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي تدارڪ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل احترام جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نامزد سفير ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ??نساني حقن جي خلاف ورزين، ظلمن کي اجاگر ڪندو. صدر چيو ته نامزد سفير ڀارت ۾ اقليتن سان ??ڻوڻندڙ سلوڪ کي به اجاگر ڪندو.