اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل مالي سال 2023 – 2022ع جي رپو??ٽ پيش ڪري ڇڏي. ان م??قعي تي صدر آڊٽ عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته آڊٽ عمل ۾ بهتري سان م??ڪ ۾ بهتر گورننس، شفافيت ۽ احتساب جي فروغ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پر??س ونگ موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ايوان صدر ۾ صدر کي مالي سال 2023 – 2022ع جي رپو??ٽ پيش ڪئي. ان م??قعي تي صدر ملڪ ۾ مالي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آڊيٽر جنرل ملڪ ۾ آڊٽ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته آڊيٽر جنرل اداري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو وڃي. آڊيٽر جنرل حڪومت کي بهتر گورننس جي فروغ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪري. صدر چيو ته بهتر اندروني ڪنٽرول، ٽيڪنالاجي، آٽوميشن ۽ عالمي معيار موجب آڊٽ جي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.