اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي مشڪل معاشي صورتحال باوجود بلوچستان ۾ آبپاشي جي منصوبن جي تعمير ۾ هر ممڪن م??د ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ آبپاشي ۽ واٽر سپلائي جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي بلوچستان ۾ آبپاشي جي جاري منصوبن جن ۾ ڪچين ڍنڍن، پٽ فيڊر ڍنڍ، آوران ڊيم، گشڪور ڊيم، ونڊر ڊيم ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن انهن تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ زراعت جا وڏا موقعا موجود آهن جن م??ن مڪمل طور تي فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته بلوچستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان م??ئل?? کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته آبپاشي معاملي تي بين الصوبائي خدش?? کي جلد ختم ڪيو ويندو ته جيئن ملڪي ترقي جو ڦيٿو تيزي ??ان هلي سگهي ۽ وفاق مضبوط ٿئي. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سميت بلوچستان جي نگران وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.