اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران ??فاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته منشيات جو مسئلو هڪ وبائي مرض ۽ سنگين مسئلو آهي جنهن کي مناسب اهميت نه پئي ڏني وڃي، ان ??سئلي بابت آگاهي ڦهلائڻ لاءِ هڪ جامع مهم ش??وع ڪئي آ??ي، تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ عملي ۽ فيصلا ڪُن قدم کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي آءِ جي، اي اين ايف، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايڇ اِي سي، ڊي ڊي جي ايف شي اي ۽ پيرا جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي ايڊيشنل سيڪريٽري جنيد اخلاق ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري عبدالستار کوکر سميت وزارت جا سينيئر عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته اسان کي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي مسئلن بابت آگاهي ڦهلائڻ لاءِ هڪ جامع مهم ش??وع ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻنداسين. هن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پوري طاقت سان ان ??سئلي کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان کي پهريان ان ??سئلي جي ڦهلاءُ کي سمجهڻ جي ضرورت آ??ي، ان کان ??هريان ته اسان ان کي گهٽ ڪرڻ جي حڪمت ٺاهيون. هن چيو ته يورپ ۾ نوجوان ان ??سئلي سبب روڊن تي مري رهيا آهن. هن چيو ته اسان اڃا تائين ان ??قام ت??ئين ناهيون پهتا ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ان ??عاملي کي هٿ مان ??ڪرڻ کان ??هريان ئي ڪنٽرول ڪيو وڃي. هن چيو ته فيڊرل پبلڪ اسڪولن ۾ اٽڪل اڍائي لک شاگرد آهن، جن کي اولين ترجيح تي رکڻ گهرجي.