اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني هن وقت ڏهين ڪ??من ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جي لاءِ ل??ڊن ۾ آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ان فورم جي صدارت ڪري رهيو آهي، اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي 56 ملڪن جا وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ميٽنگ جو ٿيم ”امنگ هائر“ ڊيليورنگ مور فار دي ڪ??من ويلٿ“ آهي. ترجمان چيو ته دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ نوجوانن جي لاءِ مشغوليت، تعليم، روزگار ۽ ماحول جي ذريعي بهترين طريقن ۽ پاليسي ۾ هم آهنگي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. پرڏيهي وزير پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ذريعي نوجوانن جي ترقي ۾ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي پيش ??يو?? جيڪو پٺتي پيل نوجوانن بشمول ڇوڪرين، اقليتن ۽ معذورن کي بااختيار بڻائڻ کي ترجيح ڏي ٿو. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي وزير اجلاس دوران نوجوانن جي ت??بي?? ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي پروگر??من ۽ هائي ??يڪ صنعتن، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ انهن جي وڌندڙ شموليت تي پڻ روشني وڌي.