اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر، دماغي ص??ت ۽ تندرستي بابت شعور بيدار ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻائڻ جي لا??ِ انهن جي حقن جي حمايت جي لا??ِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو روٽري ڪلب جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪري رهي هُئي. هن چيو ته انهن موضوعن تي سڄو سال کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ڀلي اهو ڇاتيءَ جو ڪينسر هجي، خصوصي ماڻهن جا حق هجن يا دماغي ص??ت جو معاملو هجي، ان سلسلي ۾ اسان کي نه رڳو حڪومت پر پوري معاشري جي حمايت جي ضرورت پوندي. خاتون اول چيو ته عورتن جو هر مهيني 5 منٽ جو پاڻ معائنو ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، اهڙي طرح ملڪ ۾ هزارين عورتن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ت?? پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري 44000 موت هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جنهن جي لا??ِ بيماري جي جلد تشخيص بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بيگم ثمينه علوي ذڪر ڪيو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان صحتياب ٿيڻ جي شرح 98 سيڪڙو آهي جڏهن ت?? پاڪستان ۾ ڪينسر جو پتو لڳائڻ جي لا??ِ ميموگرافڪ جي ناڪافي سهولتن جي ڪري موت جي شرح تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته هر عمر جون عورتون بشمول 14 – 12 سالن جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص ٿي رهي اهي. هن عورتن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏنو ته اهي پاڻ جانچ جي 5 منٽ جي معمولي کي سکن ۽ پنهنجي علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ٻين عورتن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن سمورن شرڪت ڪندڙن کان ذهني ص??ت جي اهميت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن جي لا??ِ پيغام ڦهلائڻ جو وچن پڻ ورتو. هن چيو ته دماغي ص??ت جي حوالي سان هڪ موبائيل ايپ ”همراز“ تيار ڪئي پئي وڃي جنهن جي ذريعي ماڻهو پنهنجي ذهني ص??ت بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغي ص??ت جي مسئلن جو شڪار آهي پر لاڳاپيل صحت جي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ جو انگ تمام گهٽ آهي جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لا??ِ تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.