اسلام آباد-03 نومبر (اي پ?? پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي ?? صوبائي اسيمبلين جون عا?? چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جار?? ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صدر مملڪت سان مشاورت کانپوءِ آئيني اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي 8 فيبروري 2024ع تي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين جي عا?? چونڊن لاءِ پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو.