اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بنيادي صحت جي سهولتن تي هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو جي ان تائين پهچ يقيني بڻائيندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت واري عالمي ادا??ي جي پاڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر پليٿا ماهي پالا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت وارو نگران وفاقي وز??ر ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجُود هئا. ملاقات ۾ نگران وز??راعظم صحت جي عالمي اداري ۽ ٻين حصيدارن جا پاڪستان جي صحت واري شعبي ۾ سڌارن ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وز??راعظم صحت جي عالمي اداري پاران سڄي پاڪستان سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بنيادي صحت مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ نگران وز??راعظم چيو ته صحت جي عالمي ادا??ي جي عطيو ڪيل موبائيل صحت اسپتالن ۽ ايمبولينسز سان بنيادي صحت جون سهولتون عام ماڻهو جي گهرن جي درن تائين پهچايون وينديون. ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين بنيادي صحت جون سهولتون پهچائڻ جي ل??ءِ موبائيل هيلٿ يونٽ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته بنيادي صحت جون سهولتون هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو تائين ان جي پهچ يقيني بڻائيندي. ملاقات ۾ نگران وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 464 صحت جي بنيادي مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي ميگا پراجيڪٽ تي ڪم ايندڙ ٻن مهي??ن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. نگران وز??راعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته موبائيل هيلٿ يونٽ نه رڳو ماڻهن کي علاج جون بنيادي سهولتون فراهم ڪندو پر ڊيجيٽل نظام تحت اهو صحت جي يونٽ جي مرڪزي نظام سان ڳنڍيل هوندو ۽ مريضن کي وڏين اسپتالن ۾ ريفر به ڪري سگهندا. بعد ۾ نگران وز??راعظم صحت جي عالمي اداري ۽ قومي صحت واري وزارت جي وچ ۾ ليٽر آف انڊراسٽينڊنگ تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نگران وز??راعظم صحت جي عالمي اداري پاران عطيو ڪيل 5 ايمبولينسز، هڪ موبائيل ڪلينڪ ۽ 2 ويڪسينيشن وينز جو پڻ جائزو ورتو.