اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ۽ حوصلا افزائي سميت ون ونڊو سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جي خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار حسيب احمد جي قيادت ۾ مختلف جاگرافيائي ۽ ڪاروباري پس منظر سان تعلق رکندڙ آڪسفورڊ گريجوئيٽس تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صد?? چيو ته عالمي ڪاروبار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻن، عالمي سيڙپڪار ۽ ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين. هن چيو ته پاڪستاني مع??شت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود آهن، پاڪستان هڪ اڀرندڙ مارڪيٽ آهي جنهن جي ڪاٿي ۾ هر سال اضافو ٿي رهيو آهي. صد?? چيو ته پاڪستان مع??شت جي بهتري، روانگي واپار وڌائڻ ۽ مصنوعات جي لاءِ نئين منڊين جي ڳولا تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا لاءِ سازگار ماحول آهي ۽ تازن سالن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي درجابندي ۾ بهتري آئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان ۾ مع??شت جي مختلف شعبن خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موقعا ڳولين. صد?? چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي حڪومت پاران پيش ڪيل ٽيڪس مراعتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان وٽ تربيت يافته انساني وسيلا دستياب آهن، نوجوانن ۽ عورتن کي جديد آءِ ٽي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جو ڊيجيٽل اسڪلز ٽريننگ پروگرام شروع ڪيو ويو، ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام تحت 2018ع کان هيستائين 35 لک نوجوانن کي ٽريننگ ڏني وئي آهي. صد?? چيو ته پاڪستان آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائڻ، مع??اري ۽ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.