اسلام آباد – 20 – نومبر (اي ??ي ??ي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلامي ملڪ?? تي زور ڏنو آهي ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهري?? تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اماراتي سفير ابوظهبي ۾ ايندڙ ڪوپ – 28 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نگران وزيراعظم کي باضابطا دعوتنامو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ڳالهين ۾ اهم ملڪن مان هڪ آهي ۽ گڏيل عرب امارات کي اميد آهي ته پاڪستان ڪوپ – 28 جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??دو. نگران وزيراعظم گڏيل عرب امارات کي ان اهم عالمي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاو?? تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وسيع تر رابط?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دوران نگران وزيراعظم اسلامي ملڪ?? تي زور ڏنو ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهري?? تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين.